شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنس سڪرنڊ

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنس سڪرنڊ

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنس سڪرنڊ

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنس سڪرنڊ: هيءَ يونيورسٽي جانورن جي پالنا، انهن جي علاج ۽ ساڻن لاڳاپيل مختلف علمن بابت اعليٰ تعليم ڏيڻ لاءِ 2012ع ۾ سڪرنڊ، ضلعي بينظير آباد ۾ قائم ڪئي وئي.
هن يونيورسٽيءَ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي گڏيل تربيت ڏني ويندي آهي. يونيورسٽيءَ جي لاءِ عمارت نه هجڻ سبب گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج سڪرنڊ جي عمارت ۾ هلايو پيو وڃي. هن يونيورسٽيءَ جي عمارت ٺهڻ بعد اوڏانهن منتقل ڪيو ويندو.
هن يونيورسٽيءَ ۾ فئڪلٽي آف وٽرنري سائنس، فئڪلٽي آف اينيمل پروڊڪشن اينڊ ٽئڪنالاجي، فئڪلٽي آف بايو سائنسز، فئڪلٽي آف فشريز اينڊ وائلڊ لائيف، فئڪلٽي آف لائيو اسٽاڪ، بزنيس مئنيجمينٽ ۽ فئڪلٽي آف انفارميشن ٽيڪنالوجيءَ جا تدريسي شعبا قائم ڪيا ويا آهن. يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاسن جو باقاعده آغاز 2013ع کان ڪيو ويو آهي. هن وقت يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر جئمل ڌناڻي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو